ايران جي جوابي ڪاروائي ۽ آمريڪا تي هنيل پابندي…!
January 30, 2017 at 12:05 amغلام مصطفيٰ جمالي
انهي ڳالهه کان ڪير انڪار ڪري سگهي ٿو ته آمريڪا کي سپرطاقت طاقت بڻائيندڙ اهي ماڻهو آهن جن ٻاهر کان اچي ڪري آمريڪا اندر پنهنجو بزنس ڪيو.پر هاڻي آمريڪا جي نئو صدر ٽونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي سرزمين جي انهن جي داخلا کي بند ڪري ڇڏيو آهي ته اها سندس سوچ آهي،جيڪا ڪنهن به انتهاپسندي کان گهٽ ناهي.آمريڪا جو صدر جيڪڏهن اهو سوچي ٿو ته پنهنجي صدارتي عهدي اندر هوُ دنيا جي ملڪن تي ويهي ڪري پنهنجا سپر پاور جي اختيار هلائيندو ۽ پنهنجي مرضي جا ويهي فيصلا ڪندو ته مان سمجهان ٿو ته اها سندس ڀُل آهي.ڇو ته آمريڪا اڄ به سلامي ملڪن جو محتاج آهي ان ڪري جو آمريڪا ۾ سيل ٿيندڙ تيل ۽ ٻيون معدنياتي شيون اسلامي ملڪن مان ئي آمريڪا وڃن ٿيون،باقي رهي ڳالهه صرف طاقت جي به اها دنيا اندر بدلبي رهندي آهي ڇو جو آمريڪا کان پهرين به ڪيترائي ملڪ سپر طاقت رهي چڪا آهن.اڃا ايترو ڪو وڏو يا ڊگهو عرصو ناهي گذريو جنهن وقت دنيا جو سپر طاقت ملڪ برطانيه هو.جنهن وقت برطانيه جو راڄ هوُ ۽ سندس حڪومت ۽ سپرطاقت جي وڏي هاڪ هئي ان وقت خد آمريڪا به سندس غلام هوُ ۽ سندس هر حڪم جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي بيهندو هوُ.ان ڪري آمريڪا جي ڪيترن جي شهرن جا نالا پڻ برطانيه جي شهر جي نالن سان ٻيٺ ڪري رکيا ويا هئا،۽ جن ملڪن جي انگريزن وڏي تعداد ۾ وڃي ڪري آمريڪا اندر پنهنجون رهائشگاهون ٺاهيون انهن ۾ وڌ کان وڌ انگريزن جو تعلق برطانيه سان هوُ،۽ ٻئي جنگ عظيم دوران جنهن ملڪ آمريڪا کي صبر طاقت ٺاهيو انهن ملڪن ۾ جرمني جو وڏو ڪردار رهيو آهي،جنهن جا اڪثر ماڻهو پنهنجي ملڪ جي الوادع چئي ڪري اچي آمريڪا ۾ رهيا.ان سان آمريڪا کي تمام گهڻو فائدو ٿيو،آمريڪا پنهنجي حيثيت ۽ صلاحييت کي وڌائيندي وڌائيندي ترقي ڪندو هڪ سپرطاقت ملڪ بڻجي ويو،ڇو ته اها ڳالهه سورهن آنا سچي آهي ته آمريڪا ويندڙ ماڻهن ۾ ڪي اهڙا به هئا جن وٽ وڏا دماڳ هئا ۽ هوُ وڏا ڄاڻو ماڻهو هئا جن جي صلاحيتن جي ڪري ئي آمريڪا سپرطاقت بڻيو.پر شايد هاڻ اها ڳالهه آمريڪا جي صدارتي عهدي سنڀالڻ واري انسان کان وسري چڪي آهي ته هو ڪا شيُ نه هوُ ۽ ٻاهرين ملڪن ۽ ٻاهر کان ايندڙ ماڻهن ئي ترقي ڏياري جنهن جي ڪري هو ايڏي وڏي طاقت جو مالڪ بڻيو پر شايد ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي صدارتي عهدي تي رهندڙ اهو واحد صدر آهي جنهن جي سوچ ۽ نظريو تمام گهڻو خطرناڪ آهي،ڊونلڊ ٽرمپ جي نشاني جي هن وقت دنيا جي صرف ۽ صرف مسلمان ملڪ آهن.جنهن جي ڪري ئي ڊونلنڊ ٽرمپ ست مسلمان ملڪن جي ماڻهن جي آمريڪا آمد تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي،جنهن جي مدت 120ڏينهن آهي.نيويارڪ ايئرپورٽ تي پنج عراق ۽ ٻن شامين کي روڪيو ويو آهي، جڏهن آمريڪا ويندڙ ڪيترن ئي جهازن کي واپس پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪليو ويو آهي،جڏهن هڪ جهاز مصر ايئرپورٽ جهاز نمبر985قائره کان نيويارڪ پهتو هو جنهن کي به واپس موڪليو ويو آهي،جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ جي اهڙي رويي جي دنيا جي سموري ملڪن اندر احتجاج پڻ ٿي رهيو آهي،انهي احتجاج هن وقت انساني حقن لاءِ وڙهندڙ ڪيتريون تنظيمون پڻ ميدان ۾ اچي چڪيون آهي،انهن تنظيمن ڪيترن ئي عدالتن اندر ڊونلڊ ٽرمپ جي اهڙي رويي خلاف مٿس ڪيس به داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي،جڏهن ته دنيا جي سمورا ملڪ ڊونلڊ ٽرمپ جي اهڙي رويي جي مذمت ضرور ڪئي آهي ته آمريڪا جي شهر تي پابندي ناهي لڳائي وئي،ان ڪري اهو اعزار صرف ۽ صرف ايران کي حاصل آهي جنهن اهو واضع اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ايراني آمريڪا جي سرزمين تي پير نه ٿو پائي سگهي ته آمريڪا جي ڪنهن به ماڻهو ڪي اهو حق ناهي ته هوُ ايران جي سرزمين تي پير رکي،اوهان سوچيان هوندا ته آمريڪا جا اهڙا ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي گهڻو ايران ايندا آهن پر اوهانکي ٻڌي اها حيرت ضرور ٿيندي ته دنيا ۾ ملڪن مان واحد ملڪ ايران جو جنهن وٽ آمريڪا جي هر شهر لاءِ اچڻ جا سمورا رستا کليل هئا،ايران ۽ آمريڪا اندر شاهه جي دور اندر جيڪي به تعلقات هئا انهي کي سامهون رکي ڪري آمريڪي جو اهڙو اهڙو سندوسنون بغاوت نظر پيو اچي.ڇو ته شاهه جي دور اندر اهو سري عام اعلان ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن ايران جي سرزمين جي ڪو آمريڪا جو شهري ڪنهن ايراني کي قتل به ڪري ته ڪيس قتل جو ڪيس داخل نه ڪيو وڃي،جڏهن ته ايران جي شهرين ايران جي اهڙي اعلان کي ايران اهل ايران جي توهين سمجهيو،جڏهن خصوصي امام خميني انهي مسئلي کي کنيو ته کيس جلاوطني ڏسڻي پئي ۽ مٿس ڪيترائي ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا،جنهن جي سندس نواجون پٽ جي به جيل جي ڪال ڪوٽڙين اندر قيد ڪري شاهه جي جي حڪم ماري ڇڏيو ويو هو،اوباما جي دور اندر نيوڪيئلر ڊيل جي اهو امڪان پيدا ٿيو ته شايد هاڻ ٻنهي ملڪن جي پاڻ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ختم ٿي ويندي،۽ اهو به يقين هو ته ٻنهي ملڪن جا سفارتي خانه به لکي ويندا،پر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايندي ٻنهي ملڪن اندر جيڪا ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته نيوڪيئلر ڊيل هاڻي گهڻي دير تائين هلي نه سگهندي،جڏهن ته هڪ ايران نه پر پنج ٻيون طاقتون به انهي ڊيل اندر شامل آهن،جهڙي ريت هن وقت ڊونلڊ ٽرمپ اسلائيل جي نوازڻ وارو سلسلو شروع ڪيو آهي ان مان اهو به صاف ظاهر آهي ته اهو بيوڪئيلر ڊيل واري ڳالهه منسوخ ڪري ڇڏيندو،چاهي انهي لاءِ کيس ڇو نقصان ئي کائڻو پوي،پر فلحال ته ايران به آمريڪا کي اهڙو جوا ب ڏنو آهي جنهن جي کيس داد ڏيڻي پوندي،جڏهن انهي سان انساني حقن لاءِ وهندڙ تنظيمون به انهي ميدان ۾ اچي لٿيون آهن، ۽ ڊونلڊ ٽرمپ مٿان ڪيس ٿيڻ جا امڪان آهن،جڏهن ته آمريڪا ۽ مسيڪو وچ ۾ وچ واري ديوار تان پڻ ٻنهي ملڪن اندر اختلاف ٿي ويا آهن ميسڪو جي صدر آمريڪا جو دورو ملتوي ڪندي چيو آهي ته اها ديوار سندس برداشت کان ٻاهر آهي ڇو ته ديوار 1200ميل ڊگھي آهي ۽ مٿس اربين ڊالر خرچ ڪرڻا پوندا اهو ڪو آسان پروجيڪٽ ناهي جنهن تي ڪم ويهي ڪجي،پر انهي وچ واري ديوار جي ڊونلڊ ٽرمپ جو ڪو بيان سامهون نه آيو آهي ڇو ته ان انهي ديوار جي تعميرات لاءِ پنهنجي عهدي جي انتخامي مهم دوران اعلان جو ڪيو هو،جڏهن ته اها به ڳالهه واضع آهي ته صدر بل ڪلٽن جي دور ۾ انهي سرحد تي هزارين پڻ ڪڻڪ ۽ ٻيون غيرقانوني سپلاءِ ٿيندڙ شيون روڪيون ويون هنيون.جو مسيڪو جا ماڻهو آرام سان آمريڪا اچي ڪري ان اندر مزدوي ڪري وري آرام سان واپس هليا ويندا آهن،برحال ڊونلڊ ٽرمپ جهڙي سوچ جو مالڪ آهي انجو انداز لڳي چڪو آهي،پر هاڻ ڊونلڊ ٽرمپ جيڪا مسلمان ملڪن جي پاپندي لڳائي آهي انهي جو جواب ايران ڏئي چڪو آهي ۽ ايران به پابندي لڳائي ڇڏي آهي،