ايران امريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قتل جي سازش ۾ ملوث هئڻ جي ترديد ڪئي آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ايران ڪنهن به اڳوڻي يا موجوده امريڪي عهديدار کي قتل ڪرڻ جي سازش جي الزامن کي رد ڪري ٿو.
ٻئي پاسي امريڪي ميڊيا دعوى ڪئي آهي ته ايران گذريل مهيني بائيڊن انتظاميا کي ان حوالي سان خط پڻ لکيو هو.
خط ۾ ايران چيو هو ته هو ٽرم جي قتل جي سازش نه پيا ڪن.
واضع رهي ته بائيڊن انتظاميا خبردار ڪيو هو ته ٽرمپ جي قتل جي ايراني ڪوشش جنگ تصور ڪئي ويندي.
بائيڊن انتظاميا الزام لڳايو هو ته ٽرمپ تي قاتلاڻي حملي جي منصوبه بندي ۾ ايران ملوث آهي ۽ جوابدار فرهاد شاڪري کي پاسدارانِ انقلاب اهو ڪم ڏنو هو جيڪو ڪافي وقت تهران۾ رهي چڪو آهي.