تهران(م ڊ) ايراني پارليمينٽ تي فائرنگ ۽ امام خميني جي مزار تي آپگهاتي حملي 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ ٽن هٿياربندن پارليامينٽ ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گارڊ سميت 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا جڏهن ته امام خميني جي مزار تي آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ايراني پارمينٽ جي ميمبر ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ٽي هٿياربند اسيمبلي جي حفاظت تي مقرر گارڊ کي گولي هڻڻ کان پوءِ ميمبرن کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. حملي ۾ گارڊ سميت 7 ڄڻا مارجي ويا. هواڏنهن اسيمبلي کان ڪجهه ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي موجود امام خيميني جي مزار تي به آپگهاتي حملي آورن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جڏهن ته اطلاعن موجب هڪ شخص مزار ۾ فائرنگ ڪئي.