ايراني نظام خلاف بغاوت جو آواز بلند ڪرڻ وارن کي ڪچلي ڇڏينداسين: خامنائي
May 12, 2017 at 10:02 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
تهران (اين اين آءِ) ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي پنهنجي سياسي مخالفن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته اهي ايراني رواج خلاف آواز اٿارڻ کان پاسو ڪن ٻي صورت ۾ انهن کي طاقت سان ڪچلي ڇڏينداسين ميڊيا رپورٽس مطابق تهران ۾ پاسداران انقلاب جي پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي ايراني سپريم ليڊر چيو ته ملڪ جي امن امان جو تحفظ ڪرڻ اسان جو فرض آهي بدنضمي ڦهلائيندڙ ڄاڻين ٿا ته گڙ بڙ جي صورت ۾ انهن کي ڪچليو ويندو هن خدشو ظاهر ڪيو ته هلندڙ مهيني ٿيندڙ صدارتي چونڊن کانپوءِ سال 2009 جي صدارتي چونڊن جي طرز تي سڄي ملڪ ۾ تشدد ۽ احتجاجي مظاهرا ٿي سگھن ٿا. سال 2009 ۾ ان وقت ايران ۾ وڏي پئماني تي احتجاج شروع ٿيا هئا جڏهن محمود نزاد ٻيو ڀيرو ملڪ جو صدر چونڊيو هو ايراني سپريم ليڊر صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ڇهن اميدوارن تي زور ڀريو ته اهي پنهنجي چونڊ مهم دوران اقليتن، غير فارسي قومن ۽ انهن جي حقن جي ڳالهه نه ڪن هن خبردار ڪيو ته ايران ۾ مختلف قومون ۽ اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ دشمن جي مفاد ۾ آهي . سپريم ليڊر پنهنجي بيان ۾ چيو ته دشمن جي سازشن جو مقصد ايران ۾ بد امني ڦهلائڻ آهي نلڪ ۾ انارڪي ڦهلائيندڙن سان لوهي هٿن سان منهن ڏنو ويندو.