لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ اياز صادق چيو آهي ته مان جيڪا ڳالهه ڪئي اها حڪومت بابت هئي ۽ ٺيڪ ڪئي، تنهن ڪري ايترو نه اڪسايو وڃي جو ڪا ٻي ڳالهه ٿي وڃي.ماڊل ٽائون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اياز صادق چيو ته وزيراعظم ذات تي لهي آيو آهي، مان هن حڪومت ۽ وزيرن بابت جيڪا ڳالهه ڪئي ڪري ڇڏي ۽ وضاحت به ڪري ڇڏي، هاڻ مون کي وضاحت ڏيڻ جي ضرورت ناهي.هن چيو ته مان 2002 کان ڪڏهن اهڙي ڳالهه نه ڪئي، جيڪڏهن توهان کي روز چيو وڃي ته توهان ۾ مودي جو روح اچي ويو آهي، توهان ڀارت جا آهيو ۽ غدار آهيو ته ڇا توهان جي دل نه ڏکندي، توهان ڪڏهن جذباتي ٿي ڪا اهڙي ڳالهه نٿا ڪري سگهو، مان جيڪا ڳالهه ڪئي اها حڪومت بابت ڪئي ۽ ٺيڪ ڪئي.سندس چوڻ هو ته سياسي معاملي کي سياسي رهڻ گهرجي ۽ اسان اها ڳالهه ڪنداسين، جيڪا قومي مفاد ۾ هجي، ايترو نه اڪسايو جو ڪا ٻي ڳالهه ٿي وڃي.