لنڊن(م ڊ) قومي ٽيم جي جارح مزاج اوپنر فخرالزمان کي پهرئين جون کان هيڊنگلي ٽيسٽ ۾ ڊيبيو لاءِ فيوريٽ قرار ڏنو پيو وڃي.
گرين شرٽس جي مڊل آرڊر بيٽسمين جي کاٻي ٺوٺ ۾ فريڪچر سبب وطن روانو ٿي چڪو آهي ۽ ٻئي طرف ٽيم مينيجمينٽ متبادل رانديگر جي معاملي ۾ سليڪشن ڪميٽي تي واضح ڪيو آهي ته ان کي متبادل رانديگر جي ڪابه ضرورت ناهي.
لنڊن کان ليڊز ويندڙ ٽيم جي ڪيمپ مان خبر آهي ته فخرالزمان کي هيڊنگلي ٽيسٽ ۾ ڊيبيو ڪرائڻ جون تياريون مڪمل آهن، ان جي ٽيسٽ ڊيبيو جي صورت ۾ 13 ون ڊي ۽ 15 ٽي ٽوئنٽي کيڏندڙ مردان جي 28 ورهين جي فخرالزمان پاڪستان جو 232 هون ٽيسٽ ڪرڪيٽر بڻجي ويندو.
ملتان ۾ 2013ع ۾ فرسٽ ڪلاس ڊيوبيو ڪندڙ فخرالزمان فرسٽ ڪلاس مقابلن ۾ 41.91 جي اوريج سان 2389 رنسون ٺاهي چڪو آهي جنهن ۾ 6 سينچريون به شامل آهن.