اولهه عمران خان جي  طالبان خان چهري کان لاعلم، قوم بائيڪاٽ ڪري: بختاور ڀٽو

November 21, 2017 at 3:22 am

ڪراچي(م ڊ) پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي ڌيءَ بختاور ڀٽو چيو آهي ته اولهه ۽ عالمي دنيا عمران خان جي طالبان خان چهري کان لاعلم آهي، قوم سندس بائيڪاٽ ڪري. پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جميعت علماءِ اسلام (س) جي وچ ۾ چونڊ اتحاد تي رد عمل ڏيندي بختاور ڀٽو عمران خان کي طالبان خان قرار ڏنو ۽ چيو ته ان جو چهرو دنيا ۽ سندس اسپانسرن کان لڪيل آهي، هن ڪي پي ڪي جو تعليمي بجيٽ به فنڊنگ حوالي ڪيو ويو، هن مطالبو ڪيو ته قوم عمران خنا جو بائيڪاٽ ڪندي طالبان مخالف اتحاد کي ووٽ ڏئي ۽ 2018ع جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي چونڊي.

اي پيپر