ماسڪو(م ڊ)روسي صدر ولادي ميرپيوٽن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اولهه طرفان شام تي ٻيهر حملو ڪيو ويو ته ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. ڪريملين مان جاري ڪيل بيان موجب آمريڪا ۽ سندس اتحادين طرفان شام تي حملي بعد صدر والادي مير پيوٽن ايراني صدر حسن روحاني رابطو ڪيو جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي راضپو ظاهر ڪيو آهي ته شام تي حملا ستن سالن کان جاري تڪرار جي سياسي حل کي نقصان پهچايو آهي.بيان موجب والادي مير پيوٽن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته جيڪڏهن شام حملي ڪري ٻيهر گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي ڪئي ته هي عالمي لاڳاپن لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي اداري ۾ آمريڪي نمائيندي نڪي هيلي اعلان ڪيو ته ”فيس دي نيشن“ جي نالي سان هڪ پروگرام شروع ڪيو ويندو جنهن تحت انهن ڪمپنين تي پابنديون لاڳو ڪيو وينديون جيڪي شامي صدر بشار الاسد حڪومت جي لاءِ ڪيميڪل هٿيارن ۾ مدد فراهم ڪن ٿيون.