اورنگي ٽائون ۾ ٻن ڄڻن کي قتل ڪندڙ ايم ڪيو ايم لنڊن جا ٻه جوابدار گرفتار: ڪرنل قيصر

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ 17 جولاءِ تي اورنگي ٽائون ۾ 2 ڄڻن کي قتل ڪندڙ ٽارگيٽ ڪلرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي ۽ انهن کي ٽارگيٽ ڪلنگ تي 50 هزار رپين سان گڏ ايم ڪيو ايم بان طرفان شاباسي جو پيغام به موڪليو هو. پاڪستان رينجرز جي ڪرنل قيصر خٽم ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 17 جولاءِ تي اورنگي ٽائون ۾ ٻن ڄڻن کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن جو تعلق محمد رحيم ۽ دانش آهي جڏهن ته جوابدارن کان واردات ۾ استعمال ٿيل هٿيار به هٿ ڪيو ويو آهي. گرفتار جوابدارن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪندي پنهنجي ساٿين جا نالا به ٻڌايا آهن. جوابدارن ايم ڪيو ايم باني، نديم نصرت، قمر ٽيڊي ۽ بابو ڀائي جا نالا ٻڌايا. ڪرنل قيصر ٻڌايو ته جوابدارن جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي ۽ جوابدار سوشل ميڊيا ذريعي ڏکڻ آفريقا جي سيٽ اپ سان رابطي ۾ هئا. ٻنهي جوابدارن موٽر سائيڪل تي ڪارروائي ڪئي جنهن تي انهن جي بينڪ اڪائونٽ ۾ 50 هزار رپيا موڪليا ويا ۽ واردات جي ٻن ڏينهن کان پوءِ ايم ڪيو ايم باني انهن ڏانهن شاباسي جو پيغام موڪليو جڏهن ته جوابدارن ايم ڪيو ايم باني جي حق ۾ وال چاڪنگ به ڪندا هئا. ڪرنل قيصر پريس ڪانفرنس دوران ايم ڪيو ايم باني طرفان جوابدارن کي مليل وائس پيغام به ٻڌرايو. هن چيو ته هاڻ اهو ناهي رهيو جو هڪ ڪال تي شهر بند ٿي وڃي، سنڌ رينجرز جي اهڙين سازشن تي ڪرڙي نظر رکيل آهي ۽ اهڙي ڪنهن به شرپسند سان سختي سان منهن ڏنو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *