اهڙي تبديلي نٿا چاهيون جيڪا ڪڪڙين جي بيضن تي هلي: خورشيد شاهه

ڪراچي(م ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ اڄ تئاين جيڪو ٿيو سياستاندانن ڪيو ۽ اسان اهڙي تبديلي نٿا چاهيون جيڪا ڪڪڙين جي بيضن تي هلي.  ملير بار ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته اڄ ته هي ماڻهو يوٽرن کي به پنهنجي ڪاميابي جي ڪهاڻي چون ٿا، پر اسان اُهي سياستدان آهيون جيڪي واعدا پورا ڪرڻ لاءِ ڦاهي تي چڙهڻ ڄاڻون ٿا، پاڪستان اچڻ کان روڪيو ويندو آهي اسان ايندي ئي شهيد ٿي ويندا آهيون يوٽرن ناهيون وٺندا جڏهن ته توهان حڪومت ۾ آيا آهيو جيڪي واعدا ڪيا اُهي پورا ڪيو، اسان اهڙي تبديلي نٿا چاهيون جيڪا ڪڪڙين جي انڊن تي هلي، ڪڪڙين جي بيضن واريون ڳالهيون نه ڪيو. خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ اڄ تائين جيڪو ٿيو سياستدانن ڪيو، غلطيون ٿيون هوندو پر ملڪ کي ناهي ٽوڙيو، سياستدانن هارايل جنگيون کٽيون، 18 سالن ۾ ملڪ ٽوڙيو ويو، ٽي جنگون وڙهيون ويون، ڊيم ڇو نه بڻيا، ڇو هن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني گهٽ ٿي رهي آهي. هن چيو ته قائد اعظم کان پوءِ 52 کان 70 تائين ڊڪٽيرز جو ڪنٽرول رهيو، هن ملڪ ۾ پيروڪريٽس کي آندو ويو، سڪندر مرزا جهڙا ماڻهو آيا، پارليامينٽ تي به ڪنٽرول رهيو، هنن 62 جو آئين به ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته هن کي جيڪڏهن ڪير بچائي سگهي ٿو ترقي ڏياري سگهي ٿو ته اُهو سياستدان آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *