اهڙيون قوتون موجود آهن جيڪي پاڪستان کي مضبوط نٿيون ڏسڻ چاهن: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي لائن آف ڪنٽرول ۾ ڀارت جي بنا سبب فائرنگ کي خطي جي استحڪام کي نقصان رسائڻ جو سبب قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙيون قوتون به آهن جيڪي پاڪستان کي صورت مضبوط نٿيون ڏسڻ چاهن.پرڏيهي کاتي طرفان جاري بيان موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي بيان ۾ چيو ته اهڙيون قوتون موجود آهن جيڪي پاڪستان کي مستحڪم ڏسڻ نٿيون چاهن ۽ مختلف طريقن سان پاڪستان کي نقصان رسائڻ جي لاءِ سرگرم آهي.سندس چوڻ هو ته ڪڏهن هي ماڻهو موڪلي دراندازي ڪندا آهن جنهن جو مثال ڪلڀوشن جو ڪيس آهي هو جهڙي طرح گرفتار ٿيو اُهو سڄي قوم جي علم ۾ آهي.شاهه محمود قريشي چيو ته ڪڏهن به قوتون فرقيواريت کي هوا ڏينديون آهن ڪڏهن دهشتگردي جي آڙ وٺندا آهن.ڀارت ڏانهن اشارو ڪندي سندس چوڻ هو ته هي عنصر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري بدترين ڪرفيو تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) جون ڀڃڪڙيون ڪندا آهن.پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان عالمي برادري کي ڪيترائي ڀيرا آگاهه ڪري چڪو آهي ته ڀارت ڪوڙي فليگ آپريشنز جي لاءِ ڪنهن بهاني جي ڳولا ۾ آهي، عالمي برادري کي انهن حالتن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته جڏهن دنيا پاڪستان جي تقاضا ڪندي آهي ته اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ته اسان ارفغان امن عمل ۾، خلوص نيت سان گڏ پنهنجو مصالحاڻو ڪردار ادا ڪندا آهيون، جنهن کي ساراهيو پيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *