اهڙو فيصلو ته ڪنهن لاوارث جي خون جو به نه ايندو ايندو آهي جيڪو بينظير جي قتل ڪيس جو آيو آهي:امير ڀنڀرو

ڪراچي (پ-ر)بينظير قتل جو فيصلو، جوابدارن جو آزاد ٿيڻ ۽ 10 سال پيپلز پارٽي جي خاموشي پٺيان جمهوريت کي بهترين انتقام جو نالو ڏئي اقتدار حاصل ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي، اهڙو فيصلو ته ڪنهن لاوارث جي خون جو به نه ايندو ايندو آهي، امير ڀنڀرو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته بينظير جي خون لوڙهڻ جا ذميوار دهشتگرد مذهبي قوتون، ڊڪٽيٽر مشرف ۽ قتل کانپوءِ جمهوريت کي بهترين انتقام جو نالو ڏئي اقتدار حاصل ڪندڙ بينظير جو وارث سڏائيندڙ خاندان آهي، جنهن بينظير جي قتل کانپوءِ پاڻ بينظير جو خون لوڙهيو ۽ جنرل مشرف کي گارڊ آف آنر ڏئي هن ملڪ مان روانو ڪيو ويو، امير ڀنڀرو وڌيڪ چيو ته جتي بينظير جي قتل جو مک ڪارڻ سنڌ ۽ بلوچستان جي مظلوم عوام جي ڳالهه ڪرڻ ۽ مظلومن کي هن ملڪ ۾ برابري جي بنياد تي انصاف وٺي ڏيڻ جو واعدو هو، اتي انهن ڌرين کي به آجو قرار نٿو ڏئي سگهجي، جن بينظير ڀٽو جي قتل کانپوءِ اقتدار جا مزا ماڻيا، امير ڀنڀرو وڌيڪ چيو ته بينظير جي قتل کي اقتدار جي ڪارڊ طور استعمال ڪيو ۽ اڃا به ڪيو ويندو، وقت ثابت ڪيو ته جيالن ۽ بينظير جي پارٽي وارن کي بينظير جي قاتلن جي گرفتاري، سهولتڪارن ۽ سازش کي وائکو ڪرڻ سان ڪابه دلچسپي نه هئي نه آهي ۽ هنن بينظير جي لاش کي اقتدار جي ڪرسي هيٺان پوري مظلوميت جو نعرو هڻندا رهيا، امير ڀنڀرو وڌيڪ چيو ته بينظير جي اولاد ۽ جيالا بينظير جي قتل جو سوال سڀ کان پهرين پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف زرداري کان ڪن، جنهن وڏي تو تڙاڪ سان اهو اعلان ڪيو هو ته هن کي بينظير جي قاتلن جي خبر آهي ۽ هو انهن کي ظاهر ڪندو، بينظير جي قاتلن جي خبر هجڻ جو دعويدار اڄ ڏينهن تائين بينظير جي قتل ۽ قتل جي سازش ڪندڙ جا نالا عوام سامهون ڇو نه آندا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *