اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون ۽ قدم کڻي رهيا آهيون جنهن سان مستقبل ۾ ڊالر جي گهٽتائي نه ٿيندي. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته رپئي جي قدر گهٽ ٿيڻ تي صبح کان ڪيترا ئي فون آيا، جيڪي ماڻهو ڊنل هئا اُهي فڪر نه ڪن، موجوده ڏکيائي عارضي آهي، اسان قدم کڻي رهيا آهيون جنهن سان مستقبل ۾ ڊالر جي گهٽتائي نه ٿيندي. وزير اعظم چيو ته پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ هڪ سڄو ڪار مينوفيڪچرنگ پلانٽ لڳي رهيو آهي جيڪو پاڪستان ۾ مڪمل ڪارسازي جو پهريون منصوبو آهي، ان جوائنٽ وينچر مان 45 هزار پاڪستانين کي ملازمتون ملنديون ۽ منصوبي سان 900 ملين ڊالرن جي سيپڙڪاري ٿيڻ پئي وڃي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهن ٿا انهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻيون آهن، هن وقت ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو آهي. وزير اعظم جو چوڻ هو ته اسان چين کان قرض بدران ٽيڪنالاجي ٽرانسفر جو مطالبو ڪيو، اسان پاڪستان ۾ اهڙي سيڙپڪاري چاهيون ٿا جنهن ۾ ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ٿئي ۽ ماڻهو هنرمند ٿين. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي صلاحيتون موجود آهن، پرڏيهي پاڪستان ۾ سيڙپ ڪرڻ جا خواهشمند آهن.