اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان جاري ڪيل پيغام ۾چيو آهي ته عورتن بابت رجعت پسنداڻي سوچ کي شڪ/ست ڏيڻ لاءِ محترمه بينظير ڀٽو جي نقشه قدم تي هلڻ جي ضرورت آهي، اسلام اسان کي عورتن جي عزت، احترام ۽ انهن جي حفاظت جو درس ڏئي ٿو، جيڪي ماڻهو معاشري تي پنهنجي مرضي ۽ سوچ مڙهڻ چاهين ٿا، اصل ۾ اهي انساني شعور کان خوف زده آهن، جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي صدر وڌيڪ چيو ته اهي ڏينهن گذري ويا جڏهن عورتن کي زور ۽ جبر ذريعي خاموش ڪيو ويندو هو، هاڻ زمانو تبديل ٿي چڪو آهي، هاڻ عورتون پنهنجي قابليت ۽ ذهانت سان دنيا ۾ با وقار مقام حاصل ڪري رهيون آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي انهن عورتن کي عزت ۽ احترام جو مقام ڏئي ٿي، جن جمهوريت لاءِ جبر ۽ تشدد کي منهن ڏنو، زندانن کي قبول ڪيو پر آمرن اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو.