ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪياماڙي ۾ زهريلي گئس پکڙجڻ جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ فضائي نمونا وٺڻ، ڪي پي ٽي ۾ بيٺل ٻيڙي اندر سويابين جي ٽيست ۽ اسپتالن ۾ داخل مريضن جي موبائيل هسٽري حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه ريلوي ڪالوني خالي ڪرائي اُتان جي آبادي کي شادي هالن ۾ منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي جي ساحلي علائقي ڪياماڙي ۾ زهريلي گئس پکڙجڻ واري واقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ هنگامي اجلاس ٿيو، اُن کان اڳ وڏي وزير مراد علي شاهه زهريلي گئس متاثر علائقي جو دورو ڪيو هو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته افسوس آهي جو گئس خارج ٿيڻ واري مامري تي ڪم نه پيو ٿئي ۽ ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن، هوا جو رُخ تبديل ٿيڻ سبب گئس پکڙجي رهي آهي. اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته ريلوي ڪالوني کي خالي ڪرڻو پوندو ۽ سمورا شادي هال خالي ڪرائي ريلوي ڪالوني جي آبادي کي اُتي منتقل ڪيو وڃي. فضائي ڪوالٽي (معيار) به خراب آهي ۽ ايئر ڪوالٽي جو معائنو ڪرايو وڃي، اهو ڄاڻڻ انتهائي ضروري آهي ته زهريلي گئس پکڙجڻ جو سورس يا ذريعو ڪهڙو آهي؟ اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪي پي ٽي تي هڪ ٻيڙي ۾ سويابين آهي، هي ڪا اهڙي شئي لوڊ ڪري رهيا آهن، جنهن سان گئس خارج ٿي. ڪنٽينر جو در بند ڪيو وڃي ته گئس جو خارج ٿيڻ گهٽجي ويندو آهي. ڪمشنر ڪراچي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته زهريلي گئس پکڙجڻ جي نتيجي ۾ ڪياماڙي مان گلزار مسجد تائين وارو علائقو گهڻو متاثر ٿيو آهي. وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ امريڪا مان پهتل ٻيڙي جي سويابين ۽ علائقي جي فضائي معيار جو معائنو ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته هن معاملي ۾ ضلعي انتظاميا، پوليس، رينجرز ۽ عوام ڀرپور مدد ڪري رهيو آهي، پاڪ آرمي ۽ نيوي به اِن تي ڪم ڪري رهيون آهن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته زهريلي گئس پکڙجڻ جي نتيجي ۾ جيترا به مريض اسپتالن ۾ منتقل ٿيا، اُنهن کان موبائيل فون وٺي سڄي هسٽري حاصل ڪئي ويندي، جڏهن ته وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هُن ڪور ڪمانڊر ڪراچي سان به ڳالهايو آهي، گئسز ۽ فضائي ڪوالٽي جو معائنو ڪرڻ جي حوالي سان پاڪ فوج به ڀرپور مدد ڪري رهي آهي.