انڊومنٽ فنڊ اسڪالرشپ مان ڏهه هزار کان وڌيڪ شاگرد فائدو حاصل ڪري چڪا آهن: ڄام مهتاب ڏهر

ڪراچي(هه آ)  تعليم ۽ خواندگي واري صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو آهي ته غريب مستحق شاگردن کي اعليٰ تعليم جا موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل انڊومنٽ اسڪالرشپ جو پروگرام 2003 ۾ شروع ڪيو ويو هو ۽ ايستائين ان مد ۾ 1750 ملين رپيا ڏنا ويا آهن جڏهن ته مجموعي طور تي 10989 شاگرد ان مان فائدو حاصل ڪري چڪا آهن. اها ڳالهه اڄ هن پنهنجي آفيس ۾ انڊومنٽ فنڊ بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ڪاليجز پرويز احمد سيهڙ، آئي بي اي مان فرخ اقبال، محمد جهانگير صديقي ۽ ناڻي کاتي ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته مجموعي رقم جو 10 سيڪڙو انهن شاگردن لاءِ مختص ڪيو ويندو جن کي ڪنهن سٺي شهرت رکندڙ غيرملڪي يونيورسٽي ۾ داخلا ملي وئي هوندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انڊومنٽ فنڊ سرڪاري ۽ نجي يونيورسٽين کي ڏنو ويندو آهي جن جي تعداد 32 آهي جڏهن ته انهن ادارن ۾ به مختص ڪيل سيٽن جي تعداد 1106 آهي جن شعبن ۾ انڊومنٽ فنڊ اسڪالرشپ ڏني وڃي ٿي انهن ۾ ميڊيڪل، بزنس ايڊمنسٽريشن، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ انجنيئرنگ شامل آهن. صوبائي وزير چيو ته انڊومنٽ فنڊ اسڪالرشپ جي تقسيم لاءِ موجوده نظام کي وڌيڪ متعارف ڪيو ويندو ته جيئن مستحق ۽ اهل شاگرد محروم نه رهجي سگهن ۽ انڊومينٽ فنڊ اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏيندڙ نين يونيورسٽين جو پوين پنجن سالن جو ريڪارڊ چيڪ ڪيو وڃي. هن چيو ته ڄاڻايل پروگرام جو بنيادي مقصد غريب ۽ مستحق شاگردن کي اعليٰ تعليم جا بهتر موقعا مهيا ڪيا وڃن ته جيئن هو پنهنجي تعليم کي سٺي نموني مڪمل ڪري سگهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *