اسلام آباد: (بيورو) پيپلز پارٽي ڊالر جي قيمتن ۾ واڌ تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته انقلابي سرڪار پنهنجي ناڪامين جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.تفصيل موجب پنهنجي بيان ۾پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو ته ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي ۽ انقلابي سرڪار پنهنجي ئي ناڪامين جا رڪارڊ ٽوڙي رهي آهي. ٻيون دفعو ڊالر جي قيمت ۾ ايترو وڏو اضافو ڏٺو ويو آهي.ان موقعي تي شيري رحمان چيو ته ڊالر 148 جو ٿي ويو آهي پر عوام کي گهٻرائجو نه، جو چيو پيو وڃي. سينيٽر شيري رحمان وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي کان پهريان شرطون مڃيون پيون وڃن.پ پ اڳواڻ وزيراعظم کي به تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته حڪومت جي عوام دشمن فيصلن عام ماڻهو جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ اميد آهي ته وزيراعظم ٽي وي تي خبر ڏسي نوٽيس وٺندو.