انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ بينظير جي وارثن ۽ پ پ ڳالهين کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڪيو: خواجا سعد رفيق
September 1, 2017 at 10:23 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد(بيورو) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ بينظير جي وارثن ۽ پيپلز پارٽي زباني ڳالهه ٻولهه کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه ڪيو. نواز شريف نااهلي ڪيس ۽ بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي نتيجن نظام تي شهبن ۾ واڌ ڪري ڇڏي. بينظير ڀٽو قتل ڪيس تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته نواز شريف جي نااهلي ۽ بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي نتيجن نظام تي شهبن ۾ واڌ ڪئي آهي. پرويز مشرف پاڪستان جي عدل واري نظام کان وڌيڪ طاقتور ثابت ٿيو. بينظير ڀٽو، اڪبر بگٽي، لال مسجد قتل ۽ ججن جي نظربندي واري وڏي جوابدار پرويز مشرف جي ٻاهر وڃڻ جو ڪريڊٽ ڌرڻو ڏيندڙن ۽ ڏياريئيندڙن ڏانهن وڃي ٿو. وفاقي وزير چيو ته عدليه جي بحالي تحريڪ جي نتيجي ۾ عدليه بحال ڪرائي پر ان جو وقار ۽ آزادي بحال نٿي سگهي. تواني، شفاف ۽ فعال جمهوريت قائم ڪرڻ جي لاءِ اهم اسٽيڪل هولڊر پنهنجي ذميواري ادا ناهي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته شفاف ۽ طاقتور جمهوري نظام جي لاءِ قومي مڪالمو نه ڪيو ويو ته ايندڙ ڏڦيڙ وڌي ويندا جڏهن ته ٻاهرين دشمنن جي ناڪامي جي لاءِ اندروني معاملا ڳالهين سان ئي حل ڪرڻا پوندا.