انصاف تي ٻڌل معاشري جي لاءِ ڪوڙي شاهدي جو خاتمو ڪرڻو پوندو: چيف جسٽس

ڪراچي: (م ڈ)  چيف جسٽس آف پاڪستان آصف سعيد کوسا جو چوڻ آهي ته ٻڌڻ بغير ٻڌڻي ملتوي نه ڪئي ويندي. هڪ ڪيس ٻڌو پيو وڃي ته روزاني جي بنياد تي ان جي ٻڌڻي ڪري فيصلو ڪيو ويندو.ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته اسلامي نظام عدل ۾ هڪ دفعو ڪوڙ ڳالهائڻ واري جي ٻيهر گواهي قبول ناهي ٿيندي، جيڪڏهن اسان انصاف تي ٻڌل نظام چاهيون ٿا ته ڪوڙي گواهي کي ختم ڪرڻو پوندو.چيف جسٽس چيو ته فوجداري نظام ۾ 2 وڏا نقص آهن. پهريون مسئلو ڪوڙي گواهي ۽ ٻيو تاخيري حربو آهي. نزاعي بيان اڪثر ڪري غلط ناهن هوندا، ڇو ته ماڻهو پنهنجي الله سان ملڻ وارو هوندو آهي.جڏهن ته اڪثر ڪوڙا ۽ اکين ڏٺا شاهد مدعي جا قريبي رشتيدار هوندا آهن. بيانن تي اعتماد جي لاءِ اسسمنٽ ڪميٽي ٺاهي رهيا آهيون.هن چيو ته پوليس سميت هر کاتي ۾ سٺا آفيسر موجود آهن. اسان کي پوليس جي نظام ۽ معاشري ۾ ان جي اميج کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. عدليا جي آزادي جي طرح پوليس جي آزادي به ضروري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *