انصاف انڌو ٿيندو آهي پر انڌا ڌنڌ نه هوندو آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ دهشتگرديءَ جي الزام هيٺ سزا مليل ٽن جوابدارن کي ستن سالن بعد بري ڪري ڇڏيو. جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ دهشتگرديءَ جي الزام ۾ سزا مليل ٽن جوابدارن جي اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ جي تمام گهڻي مٿين ليول هوندي آهي پر سندس اهڙن فيصلن کي ڪيئن اهميت ڏني وڃي، ٽرائل ڪورٽ جنهن ڏوهه جي سزا 10 سال هئي تنهن ۾ 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، پوءِ هاءِ ڪورٽ به بنا ڏسڻ جي ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي تي ٺپو هنيو، هاءِ ڪورٽ انڌاڌنڌ انصاف ڪيو آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته انصاف انڌو هوندو آهي پر انڌا ڌنڌ نه هوندو آهي، واقعي ۾ 12 ماڻهو سڙي خاڪ ٿي ويا پر جاچ، ٽرائل ۽ عدالتي فيصلي سڀ ڪجهه ساڙي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ فيصلو ٻڌايو ته فريادي ڌر جوابدارن خلاف ڏوهه ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، تنهن ڪري جوابدارن رحمت الله، مرادعلي ۽ عبدالرحمان کي شڪ جي بنياد بري ڪجي ٿو. سپريم ڪورٽ جوابدارن جي موت جي سزا ۽ عمر قيد بابت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *