انسان دوست تحريڪ جو چيئرمين تانيه خاصخيلي جي تڏي تي پهچي ويو،تعزيت،تانيه سنڌ جي عزت هئي؛الله رکيو خاصخيلي

خيرپور (رپورٽ : شاهد نواز سيال) خاصخيلي اتحاد جو سينئر نائب صدر ۽ انسان دوست تحريڪ جي چيئرمين الهه رکيو خاصخيلي، قوم پرست اڳواڻ فدا حسين خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد شھيد تانيا خاصخيلي جي تڏي تي پھچي سندس والد غلام قادر خاصخيلي سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي انسان دوست تحريڪ جي چيئرمين الهه رکيو چيو ته شهيد تانيا نه فقط خاصخيلي قوم جي پر سنڌ جي غيرت ۽ عزت ھئي، جنھن جي شھادت تي پوري سنڌ سوڳوار آھي  هڪ انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي اسان کي گڏجي شهيد تانيا جي قاتلن خلاف ڀرپور قدم کڻڻو پوندو شهيد تانيا جا وارث پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن ساڻن هر قدم تي ڀرپور سهڪار ڪبو ۽ تانيا خاصخيلي جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين ۽ کيس سخت کان سخت سزا ڏيارينداسين . هن وڌيڪ چيو ته شهيد تانيا پنھنجي لوئي ۽ لڄ کي بچائندي موت قبوليو پر ھڪ رھزن، بي غيرت انسان خانو نوحاڻي کي ڪنھن به ريت قبول نه ڪيو ، هن چيو ته تانيا جي شهادت تي سنڌ سوڳوار آهي پر سنڌ جا حڪمران ان عمل تي خاموش تماشائي بڻيل آھن ، ھن چيو ته جھانگارا باجارا تڪ سنڌ جي وڏي وزير سيد  مراد علي شاھ جو آھي پر افسوس ان ڳالھ جو آھي تہ ان مزمتي بيان بہ ناھي ڏنو ھن چيو تہ تانيا جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت سڄي سنڌ اندر انسان دوست تحريڪ ۽ خاصخيلي اتحاد پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *