راولپنڊي( م ڊ ) ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي سندس امڙ ۽ گهر واريءَ سان ملاقات ڪرائي وئي. ڪلڀوشن ياديو جي امڙ آونتي سوڌي ياديو ۽ گهر واري چينتڪاوي ياديو دبئي کان خانگي اڏام اي ڪي 612 ذريعي بينظير ايئرپورٽ پهتيون. خاص سڪيورٽي پلان اوچتو تبديل ڪري ڪلڀوشن جي گهر وارن کي اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن پهچايو ويو.ڪجهه دير کانپوءِ ڪلڀوشن ياديو جي گهر وارن کي پرڏيهي آفيس ۾ آندو ويو جتي سندن ملاقات ڪرائي وئي. ملاقات دوران ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه به ساڻن گڏ آهي. ملاقات 2 وڳي 18 منٽن تي شروع ٿي جيڪا 40 منٽن تائين جاري رهي. ڪلڀوشن ياديو جي گهر وارن سان ملاقات لاءِ خاص ڪمرو تيار ڪيو ويو جنهن ۾ شيشو لڳايو ويو. شيشي جي هڪ پاسي ڪلڀوشن ياديو ويٺل رهيو جڏهن ته ٻي پاسي سندس امڙ، گهر واري ۽ ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ۽ پرڏيهي آفيس انڊيا ڊيسڪ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فريحا موجود رهي. ملاقات جي وڊيو رڪارڊ به ڪئي وئي، جاسوس پنهنجي ڪٽنب سان انٽر ڪام ذريعي ڳالهايو. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس ٻاهر سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن جڏهن ته واڪ ٿرو گيٽس به لڳايا ويا ، ملاقات کانپوءِ ٻئي عورتون ساڳي ڏينهن واپس روانيون ٿي ويون. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل ڪلڀوشن ياديو کي قونصلر تائين پهچ ڏيڻ جي ترديد ڪئي آهي. هن چيو ته ملاقات ۾ ڀارتي سفارتخاني جي آفيس جي موجودگي قونصلر تائين پهچ ناهي. سندس چوڻ هو ته ڪلڀوشن ياديو جي ملاقات انساني همدردي جي بنياد تي ڪرائي پئي وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڪلڀوشن جي گهر ڀاتين سان ملاقات آخري ناهي. ڊاڪٽر فيصل چيو ته پاڪستان پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي.