انسانيت جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان جي دل ۾ انسانيت نالي ڪا شئي ناهي:بلاول ڀٽو زرداري

ٿرپارڪر(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي شهر مٺي ۾ ٿر انجينئرنگ، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي انسٽيٽيوٽ اين اي ڊي ڪيمپس جو افتتاح ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي ساڻس گڏ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، نثار کهڙي ۽ سعيد غني سميت پ پ جا ٻيا اهم اڳواڻ به موجود هئا.بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آصف زرداري ۽ ميان نواز شريف کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار حڪومت هوندي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي بيماري جي خبرن جي حوالي سان بيان ڏيندي چيو ته مان محسوس ڪري سگهان ٿو ته نواز شريف جي قيد دوران بيماري سبب گهروارا تڪليف مان گذري رهيا هوندا، آصف زرداري ۽ ميان نواز شريف احتساب جي نالي تي انتقام جو نشانو بڻايو ويو آهي، مان دعاگو آهيان ته خدا ميان نواز شريف کي جلد مڪمل صحت ڏئي.بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اپوزيشن اڳواڻن کي صرف سياسي انتقام لاءِ اذيتون ڏنيون پيون وڃن، آصف زرداري ۽ نواز شريف جو ڏوهه صرف اهو آهي ته هو عوام دشمن حڪومت جي خلاف آهن، انسانيت جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان جي دل ۾ انسانيت نالي ڪا شئي ناهي، ڇا عمران خان جو ڪنهن کي نه ڇڏيندس جي ن جو مطلب آصف زرداري ۽ ميان نواز شريف جي حياتين سان کيڏڻ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *