نئين دهلي:(م ڊ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي پوليس ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري ۽ اندرا گانڌي جي پوٽي پريانڪا گانڌي کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.پريانڪا گانڌي جي گرفتاري کي غيرقانوني قرار ڏيندي ان جي ڀاءُ ۽ پارليامينٽ جي ميمبر راهول گانڌي سندس ڀيڻ جي گرفتاري تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. ڀارتي ذريعن موجب سون بهدر ۾ زمين جي تڪرار تان ٿيندڙ فائرنگ جي نتيجي ۾ 17 جولاءِ تي 10 ڄڻا مارجي ويا هئا. جنهن کان پوءِ متاثر خاندان سان همدردي جي اظهار لاءِ پريانڪا گانڌي وڃي رهي هئي ته اتر پرديش پوليس کيس وڃڻ کان روڪي ورتو جنهن تي پريانڪا گانڌي احتجاجن پنهنجي حامين سان گڏ اتي ئي ڌرڻو هڻي ويهي رهي. جنهن کان پوءِ پوليس کيس گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.ڀارتي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري کي چنار کڻي ويا آهن. حڪومت جي ان قدم تي راهول گانڌي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي ۽ هن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ان حوالي سان هڪ پيغام شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته اتر پرديش جي سون بهدر ۾ پريانڪا گانڌي جي غيرقانوني گرفتاري پريشان ڪندڙ آهي. هن چيو ته 10 ڳوٺاڻن هارين کي ان لاءِ قتل ڪيو ويو ته هنن پنهنجي زمين نٿي ڇڏڻ چاهي.ڀارتي ذريعن موجب پريانڪا گانڌي گرفتاري دوران ۽ روانگي کان اڳ چيو ته مون کي خبر ناهي ته پوليس ڪيڏانهن کڻي وڃي رهي آهي. پر آئون وڃي رهي آهيان ۽ خاموش آهيان. هن چيو ته ناڪام حڪومت ڪجهه به ڪري وٺي اسان ڪڏهن به نه جهڪنداسين.