لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ايه ته انتها پسندي جي خلاف صرف فوجي حل نه پر ان جي خاتمي لاءِ وسيع حڪمت عملي جي به ضرورت اسان کي جملي طور اهڙي اپروچ جي ضرورت آهي جنهن ۾ رڳو توجهه دهشتگردي تي نه هجي پر انتهاپسندي جي خاتمي تي به ڌيان هجي رياست کي چئلينج ڪندڙن ۽ ان خلاف هٿيار کڻندڙن کي عسڪري طور تي منهن ڏيڻ گهرجي پر دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ وسيع حڪمت عملي جي ضرورت آهي مان ڄاڻان ٿو ته مان پنهنجي ماءُ جي آئيڊيلز تي قائم آهيان ۽ ان لاءِ وڙهندس ۽ ان لاءِ جان به ڏيندس مون کي پنهنجي سياسي ڪيريئر بابت ڳڻتي نه آهي ڇو ته مون کي ڪائي جلدي يا ڪائي پريشاني نه آهي مان 29 سالن جو آهيان ۽ مان هن عمل ۾ ڊگهي مدي لاءِ آهيان بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته انتهاپسندي ختم ڪرڻ لاءِ تعليم نصاب پوليس ۽ عدليه ۾ سڌارن جي ضرورت آهي ان سان گڏ سڀني کي هڪجهڙا معاشي موقعا حاصل هجن ۽ هي هڪ جامع پيڪيج آهي جيڪا پيپلزپارٽي ڏيئي ڇڏي ٿي پنهنجي ماءُ بينظير ڀٽو جي قتل بابت هن چيو ته پرويز مشرف منهنجي ماءُ کي ڌمڪي ڏني هئي ۽ ان حوالي سان شاهد به آهن جن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو بلاول ڀٽو زرداري سوال ڪيو ته پرويز مشرف چيو ته هو پنهنجو دفاع ڪري سگهي ٿو پر هو واپس اچي عدالتن ۾ الزامن کي منهن ڇو نٿو ڏي بلاول چيو ته صرف منهنجي ماءُ جي قتل جي ڪيس ۾ ئي کيس جوابدار ناهي ڄاڻايو ويو پر ان تي بلوچستان جي اڳوني وڏي وزير تي بمباري ۽ قتل جو الزام آهي غداري جو الزام آهي پر هو ڪنهن ڪيس ۾ به پيش نه پيو ٿئي پ پ پ جي دور حڪومت ۾ بينظير قتل ڪيس جي جاچ جي حوالي سان بلاول چيو ته انهيءَ دوران ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان اقوام متحده وٽ جاچ لاءِ ويو هن چيو ته اسان جي جوابدارن خلاف ڪيس مضبوط آهي پر اوهان جي اداري جي پنهنجي تحقيق ۾ به اهو ئي چيو ويو ته حقيقتون هي آهن ته انهيءَ ڪيس ۾ ڊي اين اي ثبوتن کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ هي وڏو سنگين الزام آهي اسان جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ مشرف خلاف مضبوط ڪيس جي پراسيڪيوٽر کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته ڪيس دوران 7 ڀيرا جج تبديل ٿيا بلاول چيو ته قانون تحت هن ڪيس جو ٻن هفتن ۾ فيصلو ٿيڻ گهرجي ها پر هن کي 10 سال لڳا ۽ سچ آهي ته هي انصاف سان مذاق هئي. جڏهن ان کان پڇا ڪئي ويئي ته گڏيل قومن جي جاچ ٽيم جو سربراهه چيو هو ته اسٽيبلشمينٽ کان علاوه ان وقت ڪجهه حڪومتي وزيرن انٽرويو ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو ته بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان ان کان انڪار نه ڪندس حڪومتي وزير هئا ۽ اسان انهن انفرادي شخصيتن کي پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين. جن کي سندن خواهش هئي ته پيش ڪيو وڃي پر ان سان گڏ رپورٽ ۾ اهو چيو ويو هو ته انفرادي شخصيتن تائين پهچ حاصل نه ڪرڻ سان هن رپورٽ تيار ڪرڻ جي اهليت تي اثر نه پيو آهي پ پ پ کي ذاتي جاگير طور هلائڻ جي حوالي سان هن ان کي الزام قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن حد تائين سمورين سياسي جماعتن جو خاانداني سياست تي ڌارومدار آهي مان انهن جي خوبين ۽ نقصن تي بحث نه ڪندس پر پاڪستان پيپلزپارٽي خانداني سياست جو رستو پاڻ پنهنجي مرضي سان نه چونڊيو آهي منهنجي نانا ۽ ماءُ کي قتل نه ڪيو وڇي ها ته منهنجو نانا سياستدان هجي ها ۽ منهنجي ماءُ پرڏيهي آفيس ۾ هجي ها ۽ مان هاڻي به شاگرد هجان ها بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان ۾ ٻيون سياسي جماعتون جيڪي خانداني سياست تي ڀاڙين ٿيون اهي قتل واري تڪليف مان نه گذريون آهن پر پوءِ به ڀاءُ ڀينر ۽ ٻيا ڇو هلائي رهيا آهن پاڪستان جو وزيراعظم بڻجڻ جي حوالي سان بلاول چيو ته هو ان ڳالهه تي قائل آهي ته کيس پنهنجي نظرين ۽ مقصد حاصل ڪرڻا آهن ۽ هي وزيراعظم بڻجڻ جي خواهش نه آهي هڪ سوال تي ته پ پ پ جي اڳوڻي اڳواڻ ناهيد خان الزام مڙهيو آهي ته هن وقت پ پ پ جي قيادت کي رڳو اقتدار سان مطلب آهي ۽ هن پنهنجن نظرين کي ڇڏي ڏنو آهي بلاول ڀٽو چيو ته مان ان سان اتفاق نه ڪندس هو اسان جي مخالف آهي ۽ هن اسان جي خلاف اليڪشن وڙهي ۽ کيس تنقيد جو حق حاصل آهي جڏهن ته پيپلزپارٽي هاڻي به مڪمل طرح پنهنجي انهيءَ منشور تي قائم آهي ۽ مان ڄاڻان ٿو ته مان پنهنجي ماءُءَ جي آئيڊيل تي قائم آهيان ۽ مان ان لاءِ وڙهندس ۽ ان لاءِ جان به ڏيندس. پ پ پ ۾ آصف علي زرداري جي ٺيڪيداري جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀتو چيو ته جمهوري جماعتن ۾ اوهان گڏجي ڪم ڪيو ٿا ۽ اتفاق راءِ سان فيصلا ڪيو ٿا مان ۽ منهنجو پيءُ فيصلا ناهن ڏيندا پر اسان جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي آهي جيڪا جماعت جي پاليسي جوڙيندي آهي ۽ تنقيد ڪندي آهي ۽ اسان ان پاليسي جي تعميل ڪيون ٿا.