ڪراچي(م ڊ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته انتهاپسندي، دهشتگردي، ڪلاشنڪوف ۽ ڊرگ ڪلچر ضياءَ الحق جو تحفو آهي. 5 جولاءِ تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. پنج جولاءِ جي موقعي تي پيغام ڏيندي بلاول ڀٽي چيو ته سڄي ملڪ ۾ اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو وڃي، چاليهه سال اڳ هن ئي ڏينهن تي هڪ آمر قوم جي اميدن کي مٽي ۾ ملايو هو. هن چيو ته انتهاپسندي، دهشتگردي، ڪلاشنڪوف ۽ ڊرگ ڪلچر ضياءَ جي آمريت جا تحفا آهن. پاڪستاني عوام جمهوريت جي جنگ وڙهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ضياءَ جمهوريت پسند، لبرل ۽ محب وطن ماڻهن جي خلاف وحشت کي بي لغام ڪري ڇڏيو هو. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته 1977ع ۾ جمهوريت جي خاتمي بعد هٿين خالي پاڪستانين تي وڏو ظلم ڪيو ويو. هن چيو ته انتقامي ڪاررواين ۽ رياستي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ باوجود عوام ۽ جيالا ثابت قدم رهيا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهورت ۽ شهيد ڀتو جي مشن خاطر ضياءَ جي ظلم کي برداشت ڪندڙ اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين کي هو سلام پيش ڪري ٿو.