انتظامي مسئلا هر هنڌ هوندا آهن، آءِ جي جي معاملي تي ڪو تڪرار ناهي:وڏو وزير

ڪراچي:(اسٽاف رپوررتر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته انتظامي مسئلا هر هنڌ هوندا آهن، آءِ جي جي معاملي تي ڪو تڪرار ناهي، عدالت جو معاملو هو اتان فيصلو آيو ۽ عدالت جي هدايتن مطابق ڪم ٿي رهيو آهي. قائد اعظم جي مزار تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته قائد اعظم جهڙي قسم جو ملڪ سوچيو هو اسان کي ان تي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ سياسي ليڊرن کي به قائد جي خيالن تي هلڻو پوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *