ڪراچي ( م ڊ ) سي ٽي ڊي اختيارين انتظار قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائيءَ جي دعويٰ ڪندي ٻڌايو آيه ته انتظار تي پوليس اهلڪارن فائرنگ ڪئي. انتظار قتل ڪيس جي جاچ سي ٽي ڊي ڪري رهي آهي، جڏهن ته ايس ايس پي مقدس حيدر کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. سي ٽي ڊي اختيارين ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي بابت ٻڌائيندي چيو ته انتظار تي فائرنگ پوليس اهلڪار بلال ۽ دانيال ڪئي، هڪ اهلڪار ايس ايس پي جو پرسنل اسٽاف آفيسر ۽ ٻيو گن مين آهي، جڏهن ته موقعي تي ٻنهي جي موجودگي به قانون جي ڀڃڪڙي آهي. سي ٽي ڊي جي اختيارين موجب انتظار سان گڏ موجود ناريءَ جو پڻ بيان قلمبند ڪيو ويو آهي، قتل جو ڪهڙو مقصد هو، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته جاچ ۾ اڃا تائين ڪنهن نئين ڪردار جو نالو سامهون نه آيو آهي. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عامر فاروقي موجب مقدس حيدر ۽ مديحا ڪياني بيانن ۾ چيو ته هو هڪ ٻي کي نه ٿا سڃاڻين. هن چيو ته ڪيس ۾ ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ جو نالو نه آيو آهي، اهڙين اڳڪٿين کان پاسو ڪيو وڃي، جاچ 100 سيڪڙو ميرٽ تي ٿيندي. ذريعن موجب سي ٽي ڊي اختيارين موقعي تي موجود ماڻهن جا بيان قلمبند ڪري ورتا آهن، جڏهن ته 19 ورهين جي انتظارجي گاڏيءَ ۾ موجود مديحا ڪيانيءَ جو بيان ٻيهر قلمبند ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ايس ايڇ او اي سي ايل سي سميت سمورن پوليس اهلڪارن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن. انتظار جي والد جو چوڻ آهي ته اڳوڻو ايس ايس پي ۽ مديحا ڪياني جي بيان بعد پوليس نئين ڪهاڻي بڻائي رهي آهي.