ڪراچي (م ڊ) ڪراچيءَ جي علائقي ڊفينس ۾ اي سي ايل سي اهلڪارن هٿان مارجي ويل نوجوان انتظار حسين جي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي مقدس حيدر ۽ ناري مديحا ڪياني پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو. سي ٽي ڊي سول لائنز ۾ ايس ايس پي سي ٽي ڊي انٽيليجنس پرويز چانڊئي جي سربراهيءَ ۾ انتظار قتل ڪيس جي جي آءِ ٽي جو پهريون اجلاس ٿيو. مقتول جو والد اشتياق احمد به پنهنجي وڪيل سان گڏ جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيو. واپسي تي مقتول جي والد ميڊيا کي جي آءِ ٽي اجلاس بابت ڄاڻ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، هو ميڊيا سان ڳالهائڻ لاءِ گاڏيءَ مان لٿو ته وڪيل کيس ميڊيا سان ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو. اڳوڻي ايس ايس پي سي ايل سي مقدس حيدر ۽ انتظار قتل ڪيس جي واحد اکين ڏٺي شاهد مديحا ڪياني به پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو. سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي مقدس حيدر جي قتل ۾ ملوث هئڻ ۽ عورت سان رابطي تي جاچ ڪندي. ذريعن موجب هن وقت تائين جاچ ۾ انتظار کي قتل ڪرڻ جو اصل سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي جي آءِ ٽي مقتول انتظار جي قتل جي حقيقي سبب جي به جاچ ڪندي.