ام الفساد جي موجودگي ۾ رد الفساد جو ڪو به فائدو نه ٿيندو: طاهر القادري
February 28, 2017 at 5:33 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(م ڊ) عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته رد الفساد مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو جيسيتائين ام الفساد قائم آهي، ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي طاهر القادري چيو ته انٽيليجنس ايجنسيون حڪومت جي ماتحت آهن، جيڪڏهن انهن کي ثبوت مليا آهن ته ڀارت افغانستان خلاف آواز ڇو نٿا اٿارن، ذميواري پاڙيسري ملڪ تي وجهڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، جيڪڏهن دهشتگردن جي ڊي اين اي ۽ سهولتڪارن تائين پهچي سگهجي ٿو ته انهن کي بي نقاب ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ هن چيو ته ياريون دوستيون ٽوڙي ايڪشن وٺڻو پوندو.