لنڊن ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي حسين نواز چيو آهي ته امڙ جي انفيڪشن تي ضابطو اچي ويو آهي پر سندس حالت بدستور ڳڻتي جوڳي آهي، والد جو پاڪستان وڃڻ ضروري آهي پر امڙ جي حالت اهڙي ناهي جو وڃي سگهي. لنڊن ۾ ميڊيا سان غير رسمي طور ڳالهائيندي حسين نواز چيو ته ڊاڪٽرن جي ڪوشش آهي ته امڙ جي جسم جي رت جي رواني بحال ڪن پر سندس ڦڦڙ اڃا به ڪم نه ڪري رهيا آهن تنهن ڪري کيس وينٽي لينٽر تان نه هٽايو ويو آهي. هن چيو ته قوم امڙ جي صحتيابي لاءِ دعا ڪري، هوءَ تمام گهڻي تڪليف ۾ آهي.