امير مقام جي پٽ جي گرفتاري سياسي انتقام جي بدترين مثال آهي: مريم نواز

لاهور: (م ڊ)   مريم نواز چيو آهي ته امير مقام جي پٽ جي گرفتاري سياسي انتقام جي بدترين مثال آهي.پشاور ميٽرو ۾ اربين روپين جي ڪرپشن نظر نٿي اچي. فڪر نه ڪريو توهان جو به حساب ڪتاب جو ڏينهن ويجهو آهي. اسان جي خلاف ته ڪجهه ڪونه نڪتو پر اوهان جي خلاف ته وڏا انبار لڳل آهن.ٻئي طرف پشاور ۾ امير مقام جي پٽ جي گرفتاري خلاف نوازليگ جي ڪارڪنن احتجاج ڪيو. ڪارڪنن حڪومت ۽ ايف آءِ اي خلاف نعريبازي ڪئي.مظاهرين جو چوڻ هو ته امير مقام جي پٽ جي گرفتاري سياسي انتقام آهي. نيب کي نواز اڪائونٽيبلٽي بيورو بڻايو ويو آهي. اشتياق مقام کي پڇاڳاڇا جي بهاني گهرائي گرفتار ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته ايف آءِ اي شانگلا  الپوري روڊ جي تعمير ۾ ڪرپشن جي الزام ۾  امير مقام جي پٽ اشتياق مقام کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *