اميد آهي ته مسلمانن جي بهترين مفاد ۾ خليجي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ کي جلد حل ڪيو ويندو: نوازشريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته سعودي عرب جي سلامتي ۽ خودمختياري حرمين الشريفين تحفظ لاءِ پاڪستان پرعزم آهي، اميد آهي ته مسلمانن جي بهتري مفاد ۾ خليجي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ کي جلد حل ڪيو ويندو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وزيراعظم نوازشريف جي سعودي عرب جي دوري جي حوالي سان چيو ويو آهي ته وزيراعظم سعودي عرب ۾ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان سان شاهي محل ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل باجواه ۽ ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي معاملن وارو سرتاج عزيز ساڻس گڏ هيا، وزيراعظم سعدي عرب جي جاگرافيائي سلامتي ۽ خودمختياري ۽ حرمين شريفين جي تحفظ لاءِ پاڪستان پرعزم آهي. وزيراعظم جي ترجمان موجب شاهه سلمان وزيراعظم نوازشريف جي دوري تي ٿورا مڃيندي دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪاميابي جي تعريف ڪئي، شاهه سلمان چيو آهي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي آزادي کان پوءِ خاص لاڳاپا آهن، دهشتگردي ۽ انتها پسندي خلاف ويڙهه سمورن مسلمانن جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان جي قومي سلامتي سميت سمورن معاملن تي سعودي عرب مڪمل تعاون ڪندو، شاهه سلمان پاڪستان جي قومي سلامتي سميت سمورن معاملن لاءِ وزيراعظم نوازشريف کي سعودي عرب جي حمايت جي خاطري به ڪرائي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *