امن جي سفر ۾ ڊگهو فاصلو طئي ڪري چڪا آهيون، منزل هاڻي پري ناهي: آرمي چيف

پشاور ( م ڊ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته اسان امن جي پرآزمائش سفر ۾ ڊگهو فاصلو طئي ڪري چڪا آهيون، انشاءَ الله هاڻي منزل گهڻي پري ناهي.  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه  شهيد هارون بلور جي گهر پهچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ڊي آءِ ايس پي آر ۽ ڪور ڪمانڊر پشاور به آرمي چيف سان گڏ هئا. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد چيو ته بلور خاندان قربانين سان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سموري عزم سان بيٺي آهي، اسان امن جي پرآزمائش سفر ۾ ڊگهو فاصلو طئي چڪي آهيون، نفرت ۽ ڏڦيڙ پکيڙيندڙن خلاف بنا فرق متحد بيٺي آهي، انشاءَ الله منزل هاڻي گهڻي پري ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *