امن امان برقرار رکڻ جون هدايتون، عوام کي ورغلائيندڙن خلاف رياست ايڪشن کڻندي؛وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ جي ججن جيڪو فيصلو ڏنو آهي اهو آئين جي مطابق آهي، عوام کي ورغلائيندرن خلاف رياست ايڪشن ۾ ايندي، قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رياست ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندي، اسان توڙ ڦوڙ ڪرڻ نه ڏينداسين، ٽريفڪ رڪجڻ نه ڏينداسين،  وزيراعظم مظاهرين کي هدايت ڪئي ته رياست کي مجبور نه ڪيو وڃي جو هو ايڪشن کڻڻ تي مجبور ٿي وڃي، روڊن تي اچڻ سان ملڪ ۽ عوام جو نقصان آهي، عوام خان وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ جيڪا زبان استعمال ڪئي وئي ان کان بعد ڪهڙي حڪومت هلي سگهي ٿي، ان معاملي ۾ حڪومت جو ڪهڙو ڏوهه آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته سپريم ڪورٽ جا ججز واجب القتل آهن، ڪجهه ماڻهو فوج ۽ جنرلن کي چون ٿا ته آرمي چيف خلاف بغاوت ڪريو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *