امريڪي شهر لاس اينجلس ۾ تاريخ جي بدترين باهه اڃان تائين وسامي ناهي سگھي

امريڪي شهر لاس اينجلس ۾ تاريخ جي بدترين باهه اڃان تائين وسامي ناهي سگھي، باهه سبب 12 هزار گھر ۽ عمارتون سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته 2 لک کان وڌيڪ وڌيڪ ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور آهن.

عملدارن جو چوڻ آهي ته نقصان جو شروعاتي ڪاٿو تقريبن 150 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته سڙي فوت ٿيلن جو انگ 11 ٿي ويو جيڪو پڻ وڌڻ جو خدشو آهي.

پيسيفڪ پي لي سيڊس جو علائقو باهه سبب تمام گھڻو متاثر ٿيو آهي انهيءَ علائقي ۾ بالي ووڊ جي اي لسٽرز ۽ هاڻي ارب پتي ماڻهن جا گهر آهن.

ڪارڊيشن سوڌو ڪيترائي هالي ووڊ اسٽار اربن جي ماليت جا گھر خالي ڪري ٻين علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ ڦرلٽ جا واقعا پڻ رپورٽ ٿيا آهن.

صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ عملدارن پيلي سيڊس ۽ ايٽون جي علائقن ۾ رات جي وقت ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو، هوا جي گھٽ دٻاءُ سبب فائر فائٽرز کي باهه تي ضابطو آڻڻ ڻ ڪجهه حد تائين ڪاميابي پڻ ملي آهي.

رياست جي گورنر نيوسم استعيفى گھرڻ واري ڊونلڊ ٽرمپ کي متاثر رياست جو پاڻ اچي جائزو وٺڻ لاءِ دعوت ڏني آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *