امتحانن ۾ ڪاپي ڪرڻ کي روڪيو وڃي؛تعليم وارو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) تعليم ۽ خواندگي واري صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو آهي ته نائين درجي کان ٻارنهين جماعت جي سالياني امتحان ۾ ڪاپي ڪرڻ وارو روجحان ختم ڪيو وڃي ۽ ڪاپي جي ذميوارن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي وڃي، اها ڳالهه هن سومر تي سنڌ اسيمبلي جي آفيس ۾ هڪ اعليٰ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي، هن چيو ته ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ هلندڙ سال ٿيندڙ اسٽيرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ورتل فيصلن موجب سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ڪاپي ڪلچر ختم ڪرڻ اصل ۾ نئين نسل کي قابل بڻائڻ آهي، هن چيو ته سالياڻي امتحانن ۾ موبائيل فون آڻڻ جي اجازت نه آهي ۽ اها لاڳاپيل مرڪزن جي سربراهن جي بنيادي ذميواري آهي ته هو هر حال ۾ ڪاپي کي ختم ڪري، ٻي صورت ۾ ڪاپي ڪلچر کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڄام مهتاب ڏهر وڌيڪ چيو ته ڪاپي ڪلچر کي روڪڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گڏ استاد، شاگردن جا مٽ مائٽ ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو جنهن کانپوءِ اسان پنهنجا اصل مقصد حاصل ڪري سگهون ٿا، هن شاگردن جي مٽن مائٽن کي درخواست ڪئي ته اهي پنهنجي ٻارڙن کي ڪاپي کان روڪين ۽ حڪومت سان سهڪار ڪن، هن چيو ته سنڌ جي تعليم کاتي جا سمورا آفيسر ۽ ويجيلنس ڪميٽيون سڄي صوبي ۾ امتحاني مرڪزن جو دورو ڪنديون ۽ ڪاپي ڪندڙن ۽ ڪرائيندڙن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *