امتحانن ۾ نقل جي ڪلچر تعليمي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي؛ڄام مهتاب

ڪراچي (هه آ) تعليم ۽ خواندگي واري صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو آهي ته امتحانن ۾ نقل جي ڪلچر تعليمي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ اها والدين، استادن ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز ۽ معاشري جي ماڻهن جي گڏيل ذميواري آهي ته هو ان لعنت جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن اها ڳالھ هن اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ صحافي سان ڳالهائيندي ڪئي هن چيو ته پهررين درجي کان اٺين درجي جا امتحان  پورا ٿيڻ وارا آهن اصل مسئلو سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري جي امتحانن ۾ پيش ايندو آهي انڪري انهن امتحانن جي شروعات کان پهرين ئي نقل کي روڪڻ لاءِ ڀرپور اُپاءَ ورتا وڃن. صوبائي وزير تعليم وڌيڪ چيو ته ملڪي مستقبل نئين نسل جي صحيح تربيت تي ڀاڙي ٿو ۽ اسان کي هر صورت نقل جي ڪلچر جو خاتمون ڪرڻو پوندو. هن ڊائريڪٽر اسڪولز، ڊائريڪٽر ڪاليجز ۽ سنڌ سمورن سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري بورڊ کي واضع هدايتون جاري ڪيون ته هو امتحانن ۾ نقل کي روڪڻ لاءِ ڦول پروف انتظام ڪن. سڪيورٽي جو به مناب انتطام ڪن هن چيو ته جن امتحاني مرڪزن ۾ نقل جي خبر ايندي ان جي ذميوارن خلاف کاتيدار ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو ته ترقي يافته ملڪن ۾ پنهنجو مقما حاصل ڪرڻ لاءِ امتحان ۾ نقل جو خاتمو ڪرڻ نهايت ضروري آهي. ۽ جيستائين سمورا اسٽيڪ هولڊر گڏيل ڪوشش نه ڪندا ڪاميابي ممڪن ناهي. هن چيو ته نقل جي لاڙي جي هر سطح تي حوصلا شڪني ٿيڻ گھرجي امتحانن ۾ نقل ڪرڻ جو مطلب پنهنجو مستقبل پنهنجي هٿن سان تباھ ڪرڻ آهي   

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *