اليڪشن ۽ احتساب گڏوگڏ ٿيڻ گهرجن: سراج الحق

 سکر(بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اليڪشن 2018ع ۾ آهي، اليڪشن ۽ احتساب گڏوگڏ ٿيڻ گهرجن، ملڪ جي عوام جو علاج ڪرپٽ حڪمرانن وٽ ناهي. سکر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته آئون سڀ کان پهرين پاناما ليڪس تي عدالت ويس، پاناما ليڪس ۾ ايندڙ سمورن ماڻهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته شهباز شريف ڏينهن جي روشني ۾ حالتن کي منهن ڏئي سگهي ٿو، وڏو وزير مقتول ٻارڙي جي گهر رات جي اونداهي ۾ ويو، اهڙا واقعا موجوده نظام جي ناڪامي جي مثال آهن. سراج الحق چيو ته حڪمرانن جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي، قصور ۾ 7 سالن جي ٻارڙي سان ظلم ٿيو، زينب جو لاش 5 ڏينهن کان پوءِ گند جي ڍير تان مليو، عوام احتجاج ڪيو ته 2 وڌيڪ لاش تحفي طور ڏنا ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *