اليڪشن ڪميشن 9 آگسٽ تي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جي فهرست جاري ڪندي

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 9 آگسٽ تائين چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏيندي.اليڪشن ڪميشن موجب آزاد اميدوارن کي نوٽيفيڪيشن جاري ٿيڻ جي 3 ڏينهن جي اندر اندر سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻي پوندي.مخصوص سيٽن تي ڪامياب اميدوارن جو اعلان اربع تائين ڪيو ويندو، سمورين سياسي پارٽين طرفان 2018ع جي عام چونڊن ۾ ڪامياب سيٽن جو تعداد اڱاري تائين واضح ٿيندو.قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا اجلاس سمورين سيٽن تي ڪامياب اميدوارن جي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ گهرايا ويندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *