اليڪشن ڪميشن 26 تڪن جي ٻيهر ڳڻپ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن 26 تڪن ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اميدوارن طرفان ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواستن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن قومي جي 10 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 16 تڪن تي ٻيهر ڳڻتي جي منظوري ڏني آهي. قومي اسيمبلي جا اهي تڪ، جتي ٻيهر ڳڻتي ٿيڻي آهي، انهن ۾ اين اي 57 راولپنڊي، اين اي 158 ملتان، اين اي 110 فيصل آباد، اين اي 129 لاهور، اين اي 15 ايبٽ آباد، اين اي 10 شانگلا، اين اي 159 ملتان، اين اي 170 بهاولپور، اين اي 118 ننڪانا صاحب ۽ اين اي 140 قصور شامل آهن. اليڪشن ڪميشن موجب پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 290، 291 ۽ 292 ڊي جي خان ۾ به ٻيهر ڳڻپ ٿي، جڏهن ته پي پي ملتان ۽ پي پي 228 ۾ به ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو عمل ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *