اليڪشن ڪميشن کي سپريم ڪورٽ ماتحت ڪيو وڃي :لياقت علي جتوئي

ڏوڪري(نمائندو) سنڌ جي اڳوڻي وڏير وزير لياقت علي جتوئي چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ ايم پي ايز پاران سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي مسئلن تي ڳالهائڻ ۽ سنڌ جا مسئلا نروار ڪرڻ تي حڪمران ڌر پاران گندي زبان استعمال ڪرڻ سان اسيمبلي جو وقار خراب ٿيو آهي، اسيمبلي ۾ گندا لفظ ڳالهائڻ کانپوءِ اسيمبلي رهڻ جو حق ناهي، هن چيو ته هن اليڪشن ڪميشن جي آسري  ايندڙ چونڊون نه پر سليڪشن هوندي، ان ڪري اليڪشن ڪميشن کي ايماندار بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي سپريم ڪورٽ ماتحت ڪيو وڃي ۽ سپريم ڪورٽ جا ئي اعليٰ قابل ماڻهو شامل ڪري اليڪشن ڪميشن کي صاف شفاف بڻايو وڃي،هن چيو ته قائد اعظم وارو پاڪستان  هنن ڪهڙو حال ڪيو آهي، جمهوريت نالي ماتر آهي،  ، جمهوريت رهي ئي ناهي، ملڪ ۾ ڪرپشن، بک ۽ بدحالي عروج تي آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي دور حڪومت سنڌ کي خوشحال سنڌ جي شهرن کي خوبصورت بڻايوسين ۽ هاڻي شهرن جي حالت ڏسي عوام پاڻ فيصلو ڪري ته پ پ وارن سنڌ جو ڪهڙو حشر ڪيو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *