اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن آل پارٽيز ڪانفرنس طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب چيو ته اي پي سي ۾ ڪجهه پارٽين طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته عام چونڊون مقرر وقت تي ٿيون آهن، عام چونڊون شفاف، اڻ ڌريون ٿيون، عوام آزاد نموني راءِ جو حق استعمال ڪيو، ووٽر ٽرن آئوٽ 52 سيڪڙو رهيو، عالمي مبصرن به چونڊن کي شفاف قرار ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ برابر جا موقعا ڏنا ويا، 700 جي لڳ ڀڳ شڪايتون مليون، جڏهن ته ٻيهر ڳڻپ جون 100 درخواستون مليون پر چونڊ مواد جي کوٽ جي ڪابه شڪايت نه ملي آهي. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته چونڊن ۾ سهڪار تي آرمي چيف ۽ چيف جسٽس جا ٿورائتا آهيون، اميدوارن کي شڪايت آيه ته قانون موجب رستو اختيار ڪن، بنا ثبوت الزام بي بنياد آهن، ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي ويندي.