اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي پارٽي فنڊنگ بابت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( بيورو ) اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کان فنڊنگ جا تفصيل طلب ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کان پارٽي فنڊن جا تفصيل طلب ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ پارٽي فنڊنگ ڪيس 2014ع کان هلي رهيو آهي ۽ سپريم ڪورٽ طرفان به ڪيس ۾ ڌر هئڻ تي ڪارروائي روڪڻ جو ڪو حڪم نه مليو آهي تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن پارٽي فنڊنگ جي ٻڌڻي تي ڪارروائي نه ٿي روڪي سگهي. فيصلي ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته تحريڪ انصاف پهرين اپريل 2015ع ۽ پهرين ڊسمبر 2016ع جي حڪم نامي تحت 7 سيپٽمبر تائين اڪائونٽس ۽ فنڊن جا تفصيل فراهم ڪري ۽ جيڪڏهن حڪم تي عمل نه ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن قانون موجب پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *