اليڪشن ڪميشن پاران اثاثن جا تفصيل نه ڏيڻ تي عمران خان، چوڌري نثار، فضل الرحمان ۽ ٻين کي نوٽيس جاري
February 8, 2017 at 10:56 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، گهرو وزير چوڌري نثار، مولانا فضل الرحمان، شيخ رشيد احمد، آفتاب شير پائو، اڪرم خان دراني، شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين ميمبرن کي اثاثن جا تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ نوٽيسز جاري ڪيا آهن، اليڪشن ڪميشن چيو ته قومي اسيمبلي جي ۸۵ ميمبرن جي اثاثن جي جاچ پڙتال مڪمل ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب اثاثن جا تفصيل واضح نه هجڻ ڪري ميمبرن کان وضاحت گهري وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ميمبرن نوٽيسز جي جواب ۾ گهربل تفصيل فراهم ڪيا آهن، جن جو جائزو ورتو پيو وڃي. اليڪشن ڪميشن موجب پارليامينٽ جي ميمبرن جي اثاثن جي جاچ پڙتال جو سلسلو معمول موجب جاري رهندو.