اليڪشن ڪميشن وقت کان اڳ سينيٽ چونڊون ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن وقت کان اڳ سينيٽ چونڊون ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته آئين موجب سينيٽ چوندون 30 ڏينهن اڳ نٿيون ڪرائي سگهجن، مناسب وقت تي ئي سينيٽ چونڊن لاءِ تاريخ ۽ پروگرام جو اعلان ڪيو ويندو، سينيٽ جا اڌ ميمبرز 11 مارچ 2021ع تي 6 سالن جو مُدو پورو ڪرڻ بعد رٽائر ٿي ويندا، آئين جي آرٽيڪل 244 جي شق 3 تحت سينيٽرز جي رٽائر ٿيڻ بعد سيٽس خالي ٿينديون، آئين موجب خالي ٿيل سيٽس تي پهرين چونڊون نٿيون ڪرائي سگهجن، جاري ٿيل بيان ۾ اليڪيشن ڪميشن چيو ته آئين موجب سينيٽ چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي ۽ اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميوارين کان واقف آهي، سينيٽ چونڊون آئين ۽ قانون پٽاندڙ ڪرايون وينديون. ٻئي پاسياليڪشن ڪميشن سنڌ جَي ٻن ۽ بلوچستان جي هڪ تڪ تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، سانگهڙ جي صوبائي تڪ پي ايس 43 ۽ ملير جي تڪ پي ايس 88 تي ننڍي چونڊ لاءِ شيڊول جاري، اليڪشن ڪميشن موجب اُميدوار 23 کان 28 ڊسمبر تائين رٽرننگ آفيسر وٽ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهن ٿا، 8 جنوري تائين اعتراض داخل ڪرائي سگهبا، نامزدگي فارمز سان هٿ کڻڻ ۽ اُميدوارن جا حتمي نالا پڌرا ڪرڻ جي تاريخ 16 جنوري مقرر، اليڪشن ڪميشن طرفان 17 جنوري تي اُميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا، ملير ۽ سانگهڙ جي ٻنهي تڪن تي 16 فيبروري تي ننڍي چونڊ ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *