اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن، وزيراعظم نواز شريف جي نااهليءَ بابت ريفرنسز تي ٻـُڌڻي سپريم ڪورٽ جي فيصلي اچڻ تائين روڪي ڇڏي،جڏهن ته ڪميشن عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهليءَ بابت 3 درخواستون خارج ڪري ڇڏيون، اسپيڪر پاران موڪليل ريفرنسز تي 16 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ وزيراعظم نواز شريف،سندس ناٺي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر، عمران خان، جهانگير ترين ۽ لياقت تراڪئي جي نااهلي بابت مختلف ريفرنسز جي ٻڌڻي ٿي. عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهليءَ بابت ريفرنسن جي ٻڌڻي دوران سندن وڪيل حامد خان موقف اختيار ڪيو ته اڄ سندن اصيلن خلاف پٽيشن داخل ڪرائيندڙ پيش ناهن ٿيا ان ڪري ريفرنس کي خارج ڪيو وڃي. چيف اليڪشن ڪمشنر ريمارڪس ڏنا ته بال هنن جي ڪورٽ ۾ اچي ويو آهي، فيصلو هنن کي ڪرڻو آهي، عمران خان ۽ جهانگير ترين جي حاضري ضروري آهي، ٻنهي کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهلي بابت 3 درخواستون پيروي نه ٿيڻ تي خارج ڪري ڇڏيون جڏهن ته اسپيڪر پاران موڪليل ريفرنسز تي 16 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي جي 4 ريفرنسز جي ٻڌڻي تي چيف اليڪشن ڪمشنر پڇاڻو ڪيو ته هـِي ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ به ٻڌڻي هيٺ آهي، ڇو نه عدالت جي فيصلي تائين ٻڌڻي روڪي وڃي. وزيراعظم جي وڪيل سلمان بٽ ٻڌڻي روڪڻ جي درخواست ڪندي چيو ته ماضي ۾ نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو جي ڪيسن ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي سبب هاءِ ڪورٽ به ٻڌڻي روڪي چڪي آهي. پ پ جي لطيف کوسا موقف اختيار ڪيو ته هـُو سپريم ڪورٽ ۾ ڌر ناهن، عدالت اليڪشن ڪميشن کي ٻڌڻي کان ناهي روڪيو، اليڪشن ڪميشن الله تعاليٰ ۽ عوام کانسواءِ ڪنهن جي ماتحت ناهي. حامد خان به لطيف کوسا جي موقف جي حمايت ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي باوجود اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي جو اختيار رکي ٿي. اليڪشن ڪميشن، وزيراعظم نواز شريف جي نااهليءَ بابت ريفرنسز تي ٻـُڌڻي سپريم ڪورٽ جي فيصلي اچڻ تائين روڪي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم جي ناٺي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر ۽ عوامي جمهوري اتحاد جي لياقت تراڪئي جي نااهلي بابت ريفرنس تي ڪارروائي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي