اليڪشن ڪميشن نواز شريف پاران پارٽي اجلاسن جي صدارت تي ن ليگ کان جواب طلبي ورتو
August 22, 2017 at 7:28 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو): اليڪشن ڪميشن نواز شيرف جي نااهلي بعد به پارٽي اجلاسن جي صدارت ڪرڻ بابت درخواستن تي مسلم ليگ ن جي چيئرمين کان جواب طلب ڪري ورتي، اليڪشن ڪميشن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف تحريڪ انصاف اڳواڻ ياسمين راشد، عوامي تحريڪ جي خرم نواز گنڊا پور ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي ميمبر نياز انقلابي طرفان درخواستون داخل ڪيون ويون آهن، جن کي اليڪشن ڪميشن گڏ ڪري ٻڌو، درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نواز شريف هاڻي نااهل ٿي چڪو آهي، ان لاءِ اهو پارٽي جي صدارت نٿو ڪري سگهي، جڏهن ته ان مختلف اجلاسن جي صدارت ڪئي آهي، جنهن ۾ اهم فيصلا به ڪيا ويا، درخواستن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مسلم ليگ ن نواز شريف جي نالي تي رجسٽرڊ آهي ۽ ان جي نااهل يٿڻ بعد پارٽي مسلم ليگ نواز جي نالي سان نٿي هلي سگهي، اليڪشن ڪميشن ۾ بابر اعواڻ دليل ڏنا، جنهن بعد ڪميشن چيئرمين مسلم ليگ (ن) راجا ظفرالحق کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ان کان 13 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) سردار يعقوب ناصر جي بطور قائم مقام صدر جي چونڊ کان اليڪشن ڪيمشن کي لکت ۾ آگاهه ڪيو آهي ۽ 45 ڏينهن ۾ پارٽي جي مستقل صدر جي چونڊن جي خاطري به ڪرائي وئي آهي، واضح رهي ته پاناما ڪيس جي فيصلي بعد ميان نواز شريف پوليٽيڪل پارٽيز آرڊر 2002 تحت ڪنهن سياسي جماعت جي سربراهي نٿو ڪري سگهي.