اليڪشن ڪميشن نادرا کان سڄي ملڪ ۾ ووٽرن جي بائيو ميٽرڪ ڊيٽا طلب ڪري ورتي
September 28, 2017 at 8:12 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد( بيورو ) اليڪشن ڪميشن نادرا کان سڄي ملڪ ۾ رجسٽرڊ سمورن ووٽرن جو بائيو ميٽرڪ ڊيٽا طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان نادرا کي خط لکيو ويو آهي ته اين اي 120 ۾ 29 هزار کان وڌيڪ ووٽرن جي بائيو ميٽرڪ ڊيٽا فراهم نه ڪئي وئي آهي جنهن سان اليڪشن ڪميشن جي ساک متاثر ٿي تنهن ڪري نادرا سمورن ووٽرز جي بائيو ميٽرڪ ڊيٽا فوري طور حاصل ڪري. اليڪشن ڪميشن موجب اين اي 120 جي 27 هزار 121 ووٽرن بائيو ميٽرڪ مشين اچڻ کان اڳ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهريا، 2271 ووٽرن وٽ نائيڪوپ آهي ۽ سندن بائيو ميٽرڪ ڊيٽا دستياب ناهي.جڏهن ته بائيو ميٽرڪ ڊيٽا جي عدم دستيابي سبب ووٽر لسٽ جي ساک تي سوال اٿيا آهن. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهڙن ووٽرن جي ڊيٽا ڏني وڃي جن جو بائيو ميٽرڪ رڪارڊ موجود ناهي، عام چونڊن کان اڳ سمورن ووٽرن جي بائيو ميٽرڪ ڊيٽا حاصل ڪئي وڃي.