اسلام آباد: (م ڊ) اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز جي پارٽي عهدو رکڻ جي خلاف درخواست تي فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو.رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن مريم نواز جي پارٽي عهدو رکڻ بابت ڪيس ۾ وڪيلن کي وڌيڪ معاونت جي هدايت ڪئي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۽ آرٽيڪل 63-62 جي لاڳو ٿيڻ سبب وڌيڪ معاونت گهربل آهي.اليڪشن ڪميشن ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 3 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ڍواضح رهي ته مريم نواز کي پارٽي عهدي تان هٽائڻ جي لاءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مليڪه بخاري درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ هن موقف ڄاڻايو هو ته مريم جي بطور پارٽي نائب صدر مقرري آئين ۽ قانون سان ٽڪراءُ آهي هو ڪنهن به سياسي عوامي عهدي جي لاءِ نااهل آهي.